اڪ پٽِي دڙو

اڪ پٽِي دڙو: هي ماڳ جو قسم قبل از تاريخ؟ تعلقي ٿاڻو بولاخان ضلع ڄام شورو ۾ ر ويڪرائي ڦاڪ 25◦48′ 27′′ اوڀر ڊگھائي ڦاڪ 67◦33′28′′ تي موجود آھي . ھي ماڳ ڳجھڙي ڍوري جي ڏکڻ ۾ ۽ ڳوٺ مير حسن گبول ۽ ڳوٺ جڙيو ڇٽو وٽ ھڪ ٽڪري جي لاھيءَ تي آھي . دڙي تي قبل از تاريخ ۽ قديم تاريخي دور جون ڪجهه وٿون ملن ٿيون . سڄو دڙو ڌاراوتون ڳوليندڙن کوٽي ڦٽو ڪيو آھي . ان لاءِ ھي ماڳ ضعيف حال ۾ آھي . ھن جي آرڪيالاجي کاتي طرفان کوٽائي ٿيڻ گھرجي . ھن ماڳ جو اڳ ڪنھن به ذڪر نه ڪيو آھي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو